شڪست (ڪتاب)

شڪست (ڪتاب)

شڪست ڪتاب 2

شڪست (ڪتاب): هيءُ ڪتاب هندستان جي نامور سنڌي اديب ناري پدم جي ڪهاڻين تي مشتمل آهي. هن ڪتاب بابت ‘سنڌي ڪهاڻي کيتر’ جي سري سان ٻه اکر هري موٽواڻي سنڌي ۽ بئڪ ٽائٽل وشنو ڀاٽيا جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل ست ڪهاڻيون آهن، جن ۾: وڌندڙ مفاصلا، ڌنڌ جي پار، پاڇا، ٽڪرن ۾ ورهايل ماڻهو، ويساکين تي هلندڙ زندگي، چڪرو ۽ شڪست شامل آهن.
111 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب کي ڪونج پبليڪيشن بمبئي ڇپرائي پڌرو ڪيو. ڪتاب ۾ ڇپائيءَ جو سال ڄاڻايل نه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو